بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ ??ال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪم??ني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم تي اچڻ لاءِ دل نٿو چوي ته اهي ??ال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ڪندڙ ڪم??ني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي جڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، ??ها انساني فطرت آهي. هن ??يو ته جڏهن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪم??ني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. ڪم??ني جا ملازم اڳ ئي ??ال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان کان سواءِ نئين ??ال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪم??ني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ