اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پ?? پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ??ارت ملڪ جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سا?? ٻڌايو ته ??ينيڊا جي وزيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي معاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چيو آهي ته ??ارتي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلطي ڪئي آهي ته هن ڪنهن خومختيار ملڪ جي معاملن ۾ ان حد تائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگهي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. ا??ان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ??ينيڊا ڀارت ??ان پنهنجي قيمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي قتل کان پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آهن ته ??ارت ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آهي . هن چيو ته ا??ان ڀارت کي اڪسائڻ يا ان ??ان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مخالف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير ملڪي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کان اڳ ڪينيڊا جي پ??ليس الزام هنيو هو ته ??ارتي سفارتڪارن ڪرمنل نيٽ ورڪ ??ان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ڀارت ان جي ترديد ڪئي آهي.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ