بيجنگ-14 نومبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي طبي ادارن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌ??ئڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون، جنهن ۾ طبي خدمتن، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏني وئي ا??ي. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ا??) هاسپيٽل ڪوآپريشن الائنس جي سهولت سان ٿيل ان معاهدي جو مقصد صحت جي سارسنڀال جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، جگر جي ا??ڪينوڪو ڪوسس جي علاج، ميڊيڪل امچنگ ٽيڪنالاجي ۽ تحقيقي نتيجن ۾ تبديلي جهڙن شعبن ۾ مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ??هي. صحيح واري تقريب دوران ڪاشغر هيلٿ ڪميشن جي نمائندن ڪاشغر پريفيڪچر جي فرسٽ پيپلز اسپتال ۽ ٻين مقامي طبي سهولتن جي عملدارن سان پاڪستان جي گلگت صوبائي اسپتال جي طبي اڳواڻن سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهم موضوعن ۾ عالمي طب، ٽيلي ميڊيسن، ڪيترين ئي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، مصنوعي ذهانت، بگ ڊيٽا ايپليڪيشنز ۽ روايتي چيني دوائون (ٽي سي ا??م) کي هٿي ڏيڻ شامل ??هي. ان موقعي تي ڪاشغر هيلٿ ڪميشن جي عهديدارن عالمي ٽيلي ميڊيسن پليٽ فارمز کي اڳيان وڌ??ئڻ جي عزم تي زور ڀريو ۽ گهڻ رُخ آن لائن مشاورتي خدمتن سان ”اسمارٽ اسپتال“ جي قدمن کي اجاگر ڪيو. ان قدم جو مقصد جاگرافيائي رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ، تعليمي مٽاسٽا ۽ اهلڪارن جي دؤرن کي آسان بن??ئڻ آهي جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان صحت جي سارسنڀال جي نظام کي بااختيار بن??ئڻ جي مقصد کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.
چين ۽ پاڪستان جي طبي ادارن وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری