اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جي طرز حڪمراني جو ويزن شفافيت ۽ سگهه تي ٻڌل آهي ۽ انهن ٻنهي رخن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن اها ڳالهه مواصلات واري مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سڄي ملڪ ۾ جاري ۽ آئنده جي ترقياتي منصوبن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موٽروي منصوبو شروع ڪندي ش??افيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ مقرر مدي جي اندر ان کي مڪمل ڪرڻ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو جڏهن ته پاڪ چين اق??صا??ي لنگهه منصوبن سميت 800 ارب رپين جي ماليت جي بنيادي ڍا??چي جي ترقي جا اهي منصوبا ايندڙ ٽن سالن ۾ م??مل ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ