واشنگٽن -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان س??يد شيخ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت کي ??جاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن. هن پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي ??طاب ڪندي چيو ته اهو ڪيس اسان جي حق ۾ آهي ۽ ان کي ??المي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ درست وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جو ح??ال?? ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ڪرائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته علائقي جي تاريخ اسان جي حق ۾ آهي، اهو ڏينهن هر سال 27 آڪٽوبر 1947ع تي ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀارت ڪنهن قانوني جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستاني سفير چيو ته تاريخ رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي ان جو ح??ال?? ڏيڻ ۽ برقرار ??کڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ??ا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي: پاڪستاني سفير رضوان شيخ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ