اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظ?? جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت، فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ تخريبي ڪارراين ۾ ملوث آهي، ڀارتي رياستي د??شتگردي قابل مذمت آهي، پاڪستان ڀارت جي منفي ارادن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو، ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستاني ادارن تخريبي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظالماڻي ڪاررواين سان عالمي برادري کي آگاهه ڪيو آهي، ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، سينيٽ ۾ سيني??ر سحر ڪامران جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته افغان جي صوب?? ننگر هار ۾ آمريڪا طرفان دنيا جي سڀ کان وڏي بم حملي ۾ ڀارت جي 15 شهرين جي مارجڻ جي حوالي سان جيتوڻيڪ انگ اکر حتمي ناهن تنهن هوندي به ڀارت پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث آهي، ڀارت جي رياستي د??شتگردي قابل مذمت آهي، هن چيو ته افغان ڳجهي ايجنسي جي د??شتگردي جي سرگرمين کان به پاڪستان عالمي برادري کي آگاهه ڪيو آهي.
ڀارت فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ تخريبي ڪارراين ۾ ملوث آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس