اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جي ب??يٽ تي سينيٽ جون 75 تجويز??ن منظور ڪري ورتيون جڏهن ??ه ترقياتي ب??يٽ جي حوالي سان 147 تجويزون غور لا??ِ منصوبابندي ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏيون، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ايندي، عام ماڻهو کي هڪجهڙي ترقي جا موقعا ملندا، في ڪس آمدني وڌندي جنهن سان زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ خوشحالي ايندي، سمورين سياسي پارٽين جي تعاون سان جيڪڏهن اسان گڏيل مشاورت سان هڪ ميثاق معيشت تي متفق ٿي وڃون ته اندرئين ۽ ٻاهرئين ملڪ مثبت پيغام پهچندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ب??يٽ 18 -2017ع تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته آئون انهن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مالي سال 18 -2017ع بابت ب??يٽ تجويزن تي بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ حڪومتي پاليسين ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي سينيٽ جون 75 تجويزون منظور
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب