اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ختم نبوت صه جي محافظ آهي، ڌرڻو هڻندڙن جي مطالبي کان وڌيڪ پارليامينٽ تاقيامت خ??م نبوت صه جي قانون کي موثر بڻائي ڇڏيو آهي، ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن کي درمنداڻي اپيل آهي ته اهي نفرت ۽ انتشار طرف ??ڌڻ بدران قانون جي عملداري کي يقيني بڻائين ۽ ذميوار شهري جي حيثيت سان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪن ۽ حڪومت کي طاقت جي استعمال تي مجبور نه ڪن. پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ميڊيا، قوم ۽ جاڙن شهرن جي رهواسين کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيون ٿا، ڌرڻي سان زندگي جو ??اروهنوار مفلوج ٿي ويو آهي، هڪ ٻار جو موت ٿيو ۽ روزانو شاگرد ۽ شاگردياڻين، مريضن، ??عي?? ماڻهن، ٻارن ۽ بزرگن جي وڏي انگ کي اچ وڃ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ