اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بجلي جي پ??چ نظام بابت معاملن جي بهتري لاءِ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت بجلي ۽ توانائي با??ت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني جيڪو وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وزير سر??ار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان، لاڳاپيل ڊويزنن جي سيڪريٽرين، سوئي نادرن گئس پائيپ لائين جي ايم ڊي، آئل ڪمپنين جي مشاورتي ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ