اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته عام چونڊن ۾ مجموعي ٽرن آئوٽ 51.85 سيڪڙو رهيو، پنجاب صوبي ۾ 55 سيڪڙو، سنڌ ۾ 48 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 45 ۽ بلوچستان ۾ 44 سيڪڙو رهيو، سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ پنجاب ۾ رهيو جڏهن ته سڀ کان گهٽ بلوچستان ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 840 مان 832 سيٽن جا نتيجا اچي ويا آهن، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ 114 سيٽون حاصل ڪيون ??هن جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون ??هن. اليڪشن ڪميشن جي ڊائريڪٽر اليڪشن نديم قاسم اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ 114، مسلم ليگ (ن) 63 ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 43 سيٽون حاصل ڪيون ??هن، ايم ايم اي 11، متحده قومي موومينٽ پاڪستان 6 سيٽون حاصل ڪيون ??ڏهن ته 14 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں