اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ??حت??اب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو بنا فرق جي ??حت??اب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئ?? موقف آ??ي ته سڀني جو ??حت??اب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو ??حت??اب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي ک?? موڪلي ڇڏيو آهي، مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چيو ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ عنصر جو ??حت??اب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چور کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو ??حت??اب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil