جنيوا -18 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ اسپتال تي حملي کان پوءِ خبردار ڪيو آهي، ته غزه ??ي پٽي ۾ صورتحال بي قابو ٿيندي پئي وڃي. فرانس جي خابرو اداري مطابق عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊ روس ايڊهينوم گيبريس گ??ريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻنهي ڌرين کي پرتشدد ڪارروائيون روڪڻ جي ضرو??ت آهي. هن چيو ته هر هڪ سيڪنڊ ۾ طبي امداد جي انتظام ۾ اس??ن زندگيون وڃائي رهيا آهيون، اس??ن جان بچائڻ وارن امدادي سامان جي فراهمي لاءِ فوري پهچ جي ضرو??ت آهي. واضح رهي ته اڱاري ڏينهن غزه ??ي اسپتال ۾ اس??ائيلي حملي ۾ 200 کان 300 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته حماس شهيدن جو انگ 500 ٻڌايو آهي.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث