گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل جي غ??ه تي حملن سان گڏوگڏ اولهه ڪناري جي يهودي آبادڪارن وڌيڪ 820 ??ان وڌيڪ فلسطينين کي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري موجب غزه ۾ اسرائيل فلسطين جنگ جا اثر والاريل اولهه ڪناري تي به پئجي رهيا آهن جتي يهودي آبادڪارن 820 ??ان وڌيڪ فلسطينين کي سندن گهرن ??ان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي ، ان تڪرار ۾ هن وقت تائين 8 هزار ??ان وڌيڪ فسلطيني ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فلسطين اسرائيل ڇڪتاڻ سبب اولهه ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن جو فلسطينين تي تشدد ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي قومن وچ ۾ تشدد جا روزاني واقعا سراسري 3 ??ان وڌي 7 تائين پهچي ويا آهن، هن جو چوڻ هو ته تازن ڏينهن ۾ يهودين آبادڪارن تي 171 ??ان وڌيڪ حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو فوت ۽ 115 فلسطيني ملڪيتن کي نقصان پهتو جڏهن ته صرف 30 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ هراسان ڪرڻ، قبضن ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جا معاملا شامل ناهن، والاريل علائقي ۾ اسرائيلي عملدارن طرفان فلسطينين خلاف رسائي جون پابنديون والاريل بيت المقدس جي اوڀر علائقي سميت پوري اولهه ڪناري ۾ تيز ٿي ويون آهن، خاص ڪري اسرائيلي وسندين ويجهو ۽ نام نهاد سيم زون جي علائقي ۾ شديد آهن، اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جي 712 ڪلوميٽر ڊگهي رڪاوٽ سان فسلطيني علائقو ڌار آهي. اداري جو چوڻ آهي ته آبادڪارن به لڏپلاڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، فسلطيني برادرين تائين رسائي جي روڊن کي بند ڪري ضروري خدمتون ۽ روزگار تائين سندن رسائي کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪجهه معاملن ۾ آبادڪارن آبي وسيلن کي به نقصان پهچايو آهي، پابندين ۾ شدت کانپوءِ انساني خدمتن سميت صحت ۽ تعليم کي به روڪڻو پيو آهي، 12 آڪٽوبر تي اتر ??ولهه ڪناري جي علائقي نابلوس ۾ 51 ماڻهن تي ٻڌل 8 گهراڻن کي بي گهر ڪيو ويو، تقريبن اڌ واقعن ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز حملا آورن جو ساٿ ڏنو يا فعال طور تي مدد ڪئي، ڪيترائي واقعا اسرائيلي فورسز ۽ فلسطينين وچ ۾ ٽڪراءُ کانپوءِ ٿيا جن ۾ ٽي فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا. گڏيل قومن موجب غزه جي اتر ??ڌ حصي ۾ هڪ اندازي موجب 10 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، اسرائيل جي غ??ه تي بمباري روڪڻ جي مطالبن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تازن ڏينهن ۾ ان جي فوجي ڪاررواين ۾ تيزي آئي آهي.
اولهه ڪناري ۾ يهودين 280 فلسطينين کي بي گهر ڪري ڇڏيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے