دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ج?? مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جا??زو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل جي سي سي ج?? 44 هين سربراهه ڪا??فر??س جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کليل خلاف ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪا??فر??س ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي ج?? مذمت ڪئي ج??هن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ??يو??. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ عزه ۾ جاري ج??گ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي ج?? بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي ج?? مطالبو ڪيو ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم