بغداد-27 ??سم??ر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم جي ڌماڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عرا??ي سيڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم جي ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ٽنهي صوبن الانبار، صلاح الدين ۽ نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عرا??ي سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳولا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ??رو??اتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم س??ن ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ