گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو ??ين آر ڊبليو ??ي) چيو ??هي ته غزه جون حالتون تازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن رهيون. العربيه نيوز موجب يو ??ين آر ڊبليو ??ي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ??هي ته اسان جي بهادر عورت هليٿ ورڪرز غزه ۾ هن وقت تائين محفوظ ??هيل آپريشنل هليٿ سينٽرز ۽ اسان جي قائم ڪي?? پناهگاهن ۾ ويم کانپوءِ يا ويم دوران طبي صورتحال جو شڪار ڳورهاري عورتن جي سارسنڀال ڪري رهيون آهن. اداري واضح ڪي?? آهي ته انهن عورتن کي فوري طبي سارسنڀال ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ايجنسي جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا جڏهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اس??ائ??لي جارحيت جي نتيجي ۾ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ غزم شهيدن جو ڪل تعداد 20 هزار 700 ٿي ويو ??هي. فلسطين ۾ سرگرم ڊفنس ف??ر چلڊرين نالي اين جي او موجب اس??ائ??لي فوج جي بربريت جي نتيجي ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ ساڍا 8 هزار کان وڌيڪ فسلطيني ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
غزه جون حالتون تازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج