پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو چ??و آهي ته هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پابندي بدران تاريخ کي درست رخ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو نيوز موجب پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي اجلاس دوران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (ايل ايف آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو جي ٻن هفتن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. هن فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌايو ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو جهنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو و??و آهي، پر جيڪو ڪجهه ٿي ره??و آهي ان کي نظر ۾ رکندي هي بلڪل درست قدم کن??و آهي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي ره??و آهي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ لاءِ ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻا??و آهي. ايل ايف اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو الزام لڳا??و آهي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي آپريشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هوندي به سيبا سٽين ڊيلوگو جو چوڻ آهي ته حڪومت ان آپريشن کي روڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ن?? ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري ره??و آهي جنهن جو مطلب آهي ته فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان ک??ن اڳ فرانس جي دفاع واري و??ير چيو ته فرانس اسرائيل کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال رهي ته فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي آهي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت