ماسڪو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪا پاران ايٽم?? هٿيارن جي ڪنٽرول تي ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو صرف دوکو آهي. پرڏيهي مي??يا موجب پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن جو ايٽم?? هٿيارن جي ڪنٽرول تي اڳواٽ ڪنهن شرطن تي ڳالهين جو مطالبو صرف هڪ دوکي کان سواءِ ڪجهه ناهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شرط جي ڊگهي استحڪام ۽ ايٽم?? هٿيارن جي ڪنٽرول تي ڳالهين ڪرڻ جو مطالبو مذاق آهي ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته آمريڪي پنهنجي نظرياتي دستاويزن ۾ اسان کي مخالف طور تي نامزد ڪرڻ جو حق برقرار ??کي ٿو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو بنا ڪنهن شرط جي ڳالهيون شروع ڪرڻ عقلمنداڻي تجويز ناهي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ