واشنگٽن-08 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽر??پ چونڊ مهم جي مينيجر سوزن سيمرال وائلز کي وائٽ فائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽر??پ چيو ته وائلز آمريڪي تاريخ جي ??ڀ کان وڏي سياسي فتح حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي آهي . وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جو عهدو آمريڪي صدر جي ??نتظاميه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هو بنيادي طور تي وائيٽ هائوس جي منييجر طور تي ڪم ڪري ٿو ۽ صدر جي ??ملي کي منظم رکڻ جو ذميوار هوندو آهي . چيف آف اسٽاف صدر جي ??يگزيڪيٽو آفيس ذريعي عملي جي قيادت ڪري ٿو ۽ روازني جي ??مورين مصروفيتن ۽ عملي جي ??رگرمين جي نگراني ڪري ٿو. هو پاليسي معاملن تي صدر کي پڻ صلاح مشورو ڏيندو آهي ۽ پاليسي تي عمل درآمد لاءِ هدايت ۽ نگراني جو ذميوار هوندو آهي . ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ??هديدارن مطابق وائلز ان عهدي تي ڪم ڪندڙ پهرين عورت هوندي . هن پنهنجي ڪاميابي بعد خطاب ۾ سوزن وائلز کي آئس ميڊن قرار ڏنو هو . نئين چونڊيل صدر چيو ته سوزن پس منظر ۾ رهي ڪم ڪندي آهي پر کيس آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هڪ سمجهي ويندي آهي . سياست ۾ اچڻ جي هڪ سال کان به گهٽ عرصي بعد هو اڳوڻي آمريڪي صدر رونالڊ ري??ن جي 1980ع جي چونڊن کان اڳ سندس چونڊ مهم ۾ شا??ل ٿي وئي هئي. هن 2010ع ۾ ان وقت جي ??زنس مين رڪ اسڪاٽ کي رڳو 7 مهينن ۾ فلوريڊا جو گورنر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. سوزن وائلز 2015ع جي ??يپبلڪن صدارتي پرائمري چونڊن دوران ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن ان وقت به ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو . فلوريڊا جي گورنر رون ڊي سانٽس پڻ گورنر جي چونڊ لاءِ سوزن وائلز کي پنهنجي چونڊ مهم جو انچارج مقرر ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪاميابي بعد سندس ڪارڪردگي جي ??عريف پڻ ڪئي هئي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو پنهنجي چونڊ مهم جي مينيجر سوزن وائلز کي وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ