پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل ان??يوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿي??دو. هو پشاور ۾ نيشنل ان??يوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ??يو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿي??دو. هي ان??يوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن ??يو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ??ا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته ان??يوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب