نيويارڪ-29 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي خدمتن جي فراهمي جي آڇ ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت تي ??ور ڏنو آهي ته هو ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏجي سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ڪن. ان سلسلي ۾ ٽياڪڙي لاءِ گڏيل قومن جي سربراهه طور خدمتون هر وقت دستياب آهن. هن هلندڙ سال جي پهرين پريس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان جي خابرو اداري ”اي پي پي“ جي نمائندي ??ي سوال جو جواب ڏيندي ??نبيهه ڪئي ته ڊگهي مُدي ??ائين ڪشمير مسئلي جو ڪو فوجي حل ناهي، ڇاڪاڻ ته هي واضح آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪوبه فوجي ٽڪراءُ نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ تباهيءَ جو سبب بڻبو، ان لاءِ مون کي يقين آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڇِڪتاڻ جو خاتمو يقينن تم???? ضروري آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ملي ڪري سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
ڀارت ۽ پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ڪن: گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ