والاريل بيت المقدس-17 نومبر(اي پي پي)اسرا??يل?? فوج اولهندي ڪناري جي علا.قي جنين ۾ واقع ابن سينا اسپتال کي به خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فلسطيني خا??رو اداري جي رپورٽ مطابق اسرا??يل?? فوج اولهندي ڪناري ۾ تازي ڇاپامار ڪارروائي ڪندي طبي عملي جي 02 ملازمن کي به گرفتار ڪيو آهي. رپورٽ مطابق اسرا??يل?? فوج اسپتال کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين چئني طرفن کان ڪڙو چاڙهي رکيو هو . اسرا??يل?? فوج جي اهلڪارن اسپتال اندر ايمبولينسز جي به جهڙتي ورتي ۽ لائوڊ اسپيڪر ذريعي اسپتال کي خالي ڪرڻ جو پڻ چيو آهي. اسرا??يل?? فوجين اسپتال ۾ مقرر عملي کي هٿ مٿي ڪري اسپتال مان ٻاهر نڪري وڃڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ۽ پوءِ اسپتال جي اڱڻ ۾ سندن انفرادي طور تلاشي پڻ ورتي. ان کان اڳ رات جو اسرا??يل?? فوج جنين شهر ۽ پناهگيرن بابت ڪيمپ مان اٽڪل 07 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ۽ ڪجهه گهٽين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. اسرا??يل?? فوج جي فائرنگ ۽ ڊرون ح??لن ۾ ڪيترائي شهري زخمي پڻ ٿيا آهن. جن کي علاج لاءِ مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان اولهندي ڪناري جي ابن سينا اسپتال کي به خالي ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا