برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو آ??ي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان کانپوءِ عا??مي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عا??مي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فرانس چيو ته غزه جي ما??هن کي انساني امداد پهچائڻ عا??مي انساني قانون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اه?? بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آ??ي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ما??هن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عا??مي مذمت ڪئي آ??ي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ