گڏيل قومون -27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن افغان حڪومت کان صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي، ته ??فغان حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ميڊيا آئوٽ ليٽس آزاداڻي طور تي بغير ڪنهن پابندي يا سينسرشپ جي افغانستان ۾ ڪم ڪري سگهن. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن (يو اين اي ايم اي) ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان جاري گڏيل رپورٽ ۾ آگسٽ 2021?? کان سيپٽمبر 2024ع وچ ۾ افغانستان ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرن ۽ آئوٽ ليٽس جي درپيش وڌندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي سربراهه روزا اوتن بائيزا چيو آهي، ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاد پريس هڪ چونڊ ناهي پر هڪ ضرورت آهي. هن چيو ته ??فغانستان ۾ ميڊيا جي شع??ي لاءِ فني ۽ مالي مدد ۽ اهڙي طرح اظهار جي آزادي ۽عوامي بحثن جي اهميت جي حمايت ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان رپورٽ ۾ تشدد ۽ انبرابري جي سلوڪ جي 130 واقعن سان پنهنجي مرضي جي گرفتاري ۽ حراست جي 256 واقعن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. گڏيل قومن جي رپورٽ جي جواب ۾ افغان پرڏيهي وزارت صحافين جي ان تعداد کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته ??راست ۾ ورتل ماڻهن ڏوهه ڪيو آهي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته ??حافي ۽ ميڊيا ڪارڪن رڳو مبصر ناهن، هو شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته صحافي برادري کي انساني ۽ تحفظ جي مسئلن بابت اهم معلومات جي فراهمي ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم آهن جيڪي سندن زندگين کي سڌي ريت متاثر ڪن ٿا. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ميڊيا بريفنگ دوران نائب ترجمان فرحان عزيز حق چيو آهي، ته ??ورت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خاص اڻبرابري وارن قدمن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته ??زاد صحافت نه رڳو شفافيت ۽ احتساب لاءِ ضروري آهي پر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ به ضروري آهي.
افغان حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena