گڏيل قوم??ن ?? 02 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن تنبيهه ڪئي آه?? ته غزه ۾ اسپتالن ۽ پسگردائي ?? اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ گهيراءُ هيٺ فلسطيني علائقي جي صحت جي نظام کي تباهي جو شڪار ڪري ڇڏيو آه??. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس 12 آڪٽوبر 2023ع کان جون 2024ع وچ ۾ ٿيل حملن بابت رپورٽ ۾ چيو آه?? ته عزه تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام کي طبي سهولتن تائين پهچ تي سنگين اثر پيا آه??. رپورٽ ۾ چيو ويو ته غزه ۾ صحت جي نظام جي تباهي ۽ انهن حملن ۾ مريضن، عملي ۽ ٻين شهرين جي فوتگين جو ايترو انگ بين الاقوامي انساني ۽ انساني حقن جي قانونن کي نظر انداز ڪرڻ جو سڌي ريت نتيجو آه??. رپورٽ ۾ 27 اسپتالن ۽ 12 ٻين طبي مرڪزن تي 136 حملن جو ذڪر ڪيو ويو آه?? جن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، طبي عملي ۽ ٻين شهرين جو جاني نقصان ٿيو. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آه?? ته انهن حملن شهري بنيادي ڍانچي کي جيڪڏهن مڪمل تباهه ناهي ڪيو ته ڪافي نقصان پهچايو آه??. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ سنگين انساني صورتحال سبب واحد پناهگاهه جتي فسلطينين کي محفوظ محسوس ڪرڻ چاهيون پيا، حقيقت ۾ موت جو ڄار بڻجي وئي. ٻئي پاسي گڏيل قومن چيو آه?? ته ان ٻن مهينن ۾ اتر غزه ۾ شهرين تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسرائيلي گهيراءُ سبب ڪا پهچ حاصل ناهي ٿي.
غزه ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن سبب صحت جو نظام مڪمل تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش