اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ڏکڻ ايشيا جي عوام کي غربت، ناخواندگي ۽ ٻين سماجي براين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ سارڪ جي ميمبر م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪس??ان ڏکڻ ايشيا خطي جي اقتصادي ترقي ۽ امڪاني علائقائي هم آهنگي جي خو??ب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سارڪ جي پليٽ فارم ذريعي علائقائي ترقي تي يقين رکون ٿا، پاڪس??ان خطي جي عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هو سارڪ مل??ن جي ناڻي وارن وزيرن جي اٺين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن سارڪ تنظيم کي عوام جي اميدن موجب وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ سارڪ جا ميمبر ملڪ سيڪريٽريٽ، علائقائي مرڪز ۽ خصوصي تنظيمون جوڙڻ، پائيدار ۽ ٺوس ڪوششون ڪن.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا