اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جو??نن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آه?? ۽ ??اڪستاني فوج جي موجودگي ۾ ملڪي سالميت تي ڪوبه ڌٻو اچي نٿو سگهي، حڪومت پاڪ فوج کي جديد جنگي هٿيارن سان ليس ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني فوج جي وڏي کاڌ?? ۽ ??ٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جي سلسلي ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ جو??نن جو وڏو تعداد به موجود هو. صدر هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جو??نن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي پريڊ پاڪستاني فوج جي مثالي نظم ۽ ضبط ۽ ان جي بهترين دفاعي صلاحيتن جو ناقابل ترديد ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino