اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اج??اس وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، ڪابينا ڀارتي فوج طرفان اربع ڏينهن ڪن??رول لائين تي هروڀرو جي فائرنگ جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻارن سميت بيگناهه ش??ري زخمي ٿيا، ڪابينا زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، ڪابينا جي اج??اس ۾ آچر ڏينهن ڪرم ايجنسي بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي شهيدن ۽ اربع ڏينهن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي وا??عي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ به فاتحه خواني ڪئي وئي، ڪابينا مالي سال 2017ع ۾ 10 سالن جي بلند ترين 5.6 سيڪڙو واڌ ويجهه جي شرح حاصل ڪرڻ لاءِ جنهن جي عالمي بئنڪ به پنهنجي تازي بيان ۾ توثيق ڪئي ۽ تسليم ڪيو، غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي واکاڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری