??سل??م آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڪستان ه?? عظيم قوم آهي، قوم محنت ۽ جذبي سان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي اعليٰ منزلن تائين وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي، آزادي جي ڏهاڙي تي اسان سڀني کي اهو ئي سوچڻو پوندو ته اسان هن ملڪ کي ڇا ڏنو آهي، آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي تصويري ۽ مني ايچر پينٽنگز جي ??مائش ڪندڙ مبارڪباد جا مستحق آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي يوم آزادي جي ??وقعي تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ منعقد تصويري ۽ مني ايچر پينٽنگز جي ??مائش جي دوري جي ??وقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا