اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ سياسي، معاشي ۽ عوامي رليف بابت صورتحال جي جائزه اجلاس ۾ ??يو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون، نظام مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي تائين احتساب جو عمل ڀرپور طريقي سان جاري رهندو، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪشمير مسئلو اسان جي اولين ترجيح آهي، پهرين کان 5 فيبروري تائين س??ي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ تقريبون منعقد ٿينديون، 5 فيبروري تي حڪومت، پارٽي، قوم ۽ سمو??يو?? سياسي پارٽيون گڏجي سرڪاري ۽ نجي سطح تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين ۽ ڀارتي انتهاپسند چهري کي بي نقاب ڪنداسين. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام جي رليف سان واڳيل قدمن ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي آن بورڊ وٺندي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ