ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو م??افر جهاز آبادي مٿان ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون ??هن. خبر موجب پي آءِ جي ايئر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي ??اءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ کان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ واقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا. سول ايوي ايش?? جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ??يڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ??يا.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada