اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي ص??ت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملي?? روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي اهم ??رط?? ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت ??ڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ