اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيش?? سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي، مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ڪري وڌيڪ آساني ٿيندي، اس??يٽ بئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ادائگيون شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽرنيٽ جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن هاءِ اس??يڊ موبائيل براڊ بينڊ پراجيڪٽ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران آن لائن تعليم جو سل??لو شروع ڪيو ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سل??لو برقرار رکيو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چيو ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيش?? سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل سال سافٽ ويئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ ويئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.
معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر