اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچ?? ۾ ??نگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ?? قا??ل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ?? ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئ?? سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهي?? نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال