اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجل??س ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجل??س ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت ??عل??ٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجل??س ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُ??و ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
نجڪاري واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ