اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پن??نجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪ??يٽ??ي ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پن??نجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪ??يٽ??ي چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪ??يٽ??ي ابراهيم ميگا گالا ۾ پن??نجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.
ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن پاران ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر