اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ يو??يورسٽين جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي چيو آهي ته انجنيئرنگ يو??يورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ض??ورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهجي، انجنيئرنگ شعبي ۾ معذور ماڻهن ۽ عورتن جي لاءِ داخلا ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ض??ورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته انجنيئرنگ اهو پيشو آهي جيڪو قومن جي تعمير ڪري ٿو، انجنيئرز جي محنت سدائين قائم رهي ٿي. هن چي?? ته انجنيئرز جي محنت ۽ ڪم سان تهذيبن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پاڪستاني ا??جنيئرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، انجنيئرز دفاع ۽ ڪنسٽرڪشن سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ان ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار رهيو. هن چي?? ته پاڪستان جو سدائين موقف رهي?? ته افغان مسئلو جنگ سان حل نه ٿيندو، ار??ين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا کي سمجهه ۾ آي?? ته افغان مسئلو طاقت سان حل نه ٿيندو. صدر چي?? ته انجنيئرز مان وڏيون اميدون آهن، تعميرات، نيوڪليئر انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحوليات، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دنيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار آهي. هن چي?? ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي ا??جنيئرز جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چي?? ته يو??يورسٽيز ۽ انڊسٽري کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻو پوندو، انجنيئرنگ يو??يورسٽين کي مارڪيٽ جي ض??ورت موجب انجنيئرز پيدا ڪرڻا پوندا. هن چي?? ته عالمي معيار موجب انجنيئرنگ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوند?? ته جيئن پاڪستاني ا??جنيئرز ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، هنرمند ماڻهن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز کي ملڪ ۾ موجود موقعن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل معذور شاگردن جي حوصلا افزائي ڪري، عورتن کي به انجنيئرنگ جي شعبي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چي?? ته ڪورونا وبا دوران حڪومت همدردي ۽ احساس جو رويو اختيار ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان تي ڀارت کان گهٽ اثر پيا. هن چي?? ته نيڪ نيتي ۽ محنت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي ا??جنيئرنگ جي شعبي جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته انجنيئرز جي تعليم جي آخري مرحلي ۾ انٽرن شپ هجڻ گهرجي، انجنيئرنگ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم ضروري آهن، حڪومت جو ڪم سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ مراعتون ڏيڻ آهي. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ايم اين اي ا??جنيئر نجيب هارون چي?? ته سي پيڪ منصوبن ۾ انجنيئرز جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي، انجنيئرنگ جي تعليم کي عالمي معيار جي برابر آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته ملڪي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار آهي ۽ اهي پنهنجي ا?? ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا.
انجنيئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania