پيرس_28 ڊسمبر(اي پي پي) فرانس جي ص??ر ايما نويل ميڪرون اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت ۽ انساني هنگامي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فرانس جي ص??ارتي محل مان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ايما نويل ميڪرون فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ اسرائيل جي ذميواري،غزه جي ماڻهن کي امداد پهچائڻ جي فوري ??رورت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪت دران پاران دير پا جنگ لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، فرانس جي ص??ر چيو ته ان مقصد لاءِ انهن جو ملڪ ايندڙ ڏين??ن ۾ اردن سان گڏجي غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون شروع ڪندو، هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف يهودي آبادڪارن جي تشدد کي روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ ڪنهن به يهودي وسندي جي تعمير جي نئين منصوبي تي عمل در آمد نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ خطرو آهن.
فرانس جي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم کي ٽيليفون، غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے