ڊيوس-19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان چيو آهي ته پيٽرول تي ملڪي معيشت جو دارومدار 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوس جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ سعودي ناڻي واري وزير خصوصي مباحثي دوران چ??و ته قومي خزانو گهٽ کان گهٽ خساري ۽ وڌ کان وڌ موثر انداز ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ??ه تيل تي قومي معيشت جو دارومدار پهرين 70 سيڪڙو تائين هو هاڻي صرف 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي، هن جو چوڻ هو ??ه تيل کانسواءِ قومي پيداوار ۾ 65 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، ان لاءِ اقتصادي جهٽڪن باو??ود سعودي معيشت جي حوالي سان اسان جون اميدون مثبت آهن. ناڻي واري وزير چ??و ته سعودي معيشت جهٽڪن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، هن چ??و ته دنيا جي طاقتور سعودي عرب جي ضرورت آهي ۽ اسان اهو هدف حاصل ڪرڻ جو پختو عزم رکون ٿا. هن چ??و ته سعودي عرب جيڪڏهن طاقتور نه هوندو ته گهربل شڪل ۾ خطي جي مدد نه ڪري سگهندو. هن جو چوڻ هو ته جاگرافيائي ۽ سياسي خطرن ۽ موسمياتي تبديلي معيشت تي اثرانداز ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به هو عالمي جهٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقتصادي وسيلن ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي واضح پاليسي تي گامزن آهي، هن چ??و ته گذريل سال اسان روزاني تقريبن 11 ملين بيرل تيل ڪڍيو ۽ ان جي اگهن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، هي اسان جي لچڪدار رويي ۽ صلاحيت جي عڪاسي آهي. هن چ??و ته پرائيويٽ سيڪٽر گذريل 7 سالن دوران روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا، 2023ع دوران 8 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن کي روزگار فراهم ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته عورتن جي شرڪت سان معيشت وڌي ويجهي رهي آهي، ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن جو حصو تقريبن 36 سيڪڙو ٿي ويو آهي جيڪو سعودي ويزن جي مقرر ڪيل هدفن کان وڌيڪ آهي.
پيٽرول تي سعودي معيشت جو ڀاڙڻ 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي: ناڻي وارو وزير محمد الجد عان
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس