واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد هلندڙ س??ل جي آخر تائين ختم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪانگريس نئين فنڊز جي فراهمي جي منظوري نه ڏني ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن جنگ کٽي سگهي ٿو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق صدر جوبائي??ن جي بجٽ ڊائريڪٽر شالين??اي??گ ريپبلڪن هائوس جي اسپيڪر مائيڪ جانسن جي نالي هڪ خط ۾ واضح طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين لاء?? فوجي امداد بند ٿي ويندي ته روس خلاف يوڪر??ن جي مزاحمت کي شديد نقصان پهچندو. هن چيو ته ان وقت اسان وٽ فنڊز نه آهن ۽ لڳ ڀڳ وقت ختم ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪانگريس طرفان نئين فنڊنگ جي منظوري جي بغير، هلندڙ س??ل جي آخر تائين اسان وٽ يوڪرين لاءِ وڌيڪ هٿيارن، ساز ۽ سامان جي خريداري لاءِ وسيلا ختم ٿي ويندا.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی