نيويارڪ-29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي عدالت ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج ۽ هيج فنڊ ايف ٽ?? ايڪس جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي ڊجيٽل ڪرنسي جي صارفين سان ڌوکي جي جي ڏوهه ۾ 25 ??ال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمريڪي وڪيلن سام بينڪ مين فرائڊ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي فراڊ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب آمريڪي وڪيلن ان کي تقريبن 50 ??ال قيد جي سزا ??ڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته سام بينڪ مين فرائڊ جي وڪيلن ان کي 6 ??ال قيد جي سزا ??ڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻنهي پاسن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيويارڪ جي جج ليول ڪپلان کيس 25 ??ال قيد جي سزا ??ڌائي. جج ان موقعي تي چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته ڏوهاري موقعو ۽ اختيار ملڻ تي مستقبل ۾ وڌيڪ ڏوهه ڪري سگهي ٿو ۽ هي ڪو معمولي خطرو ناهي. 32 سالن جي سام بينڪ فرائڊ مين کي نومبر ۾ به 7 ڪيسن ۾ سزا ??ڌائي وئي هئي جنهن ۾ وائر فراڊ، سيڪيورٽيز فراڊ جي سازش ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل آهن.
آمريڪا، ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي فراڊ جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین