رياض _ 16 مئي (اي پي پي ) سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبد العزيز ڪيترائي شاهي فرمان جاري ڪيا آ??ن . عرب نيوز مطابق شاهه سلمان شهزاده ڊا??ٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي ??نهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . شاهه سلمان ن??ئب وزير نيشنل گارڊ عبد المحسن بن عبد العزيز التو يجري کي ??نهنجي عهدي تان برطرف ڪري ايوان شاهي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي . شاهي فرمان ۾ شهزاده ڊا??ٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي نيشنل گارڊ جي ن??ئب وزير جون ذميواريون ڏنيون آهن . شاهه سلمان خالد بن محمد بن عبد العزيزالعبد الڪريم کي ڪابينه جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي . شاهي فرمان ۾ شيانه بنت صالح بن عبد الله العزاز کي ڪابينه جي ن??ئب سيڪريٽري مقرري کان برطرف ڪري شاهي ايوان جي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح مازن بن ترڪي بن عبد الله السدريري کي ڪابينه ڪائونسل ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . انجنيئر سامي بن عبد الله مقيم کي سعودي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت اٿارٽي ۾ ن??ئب سربراهه جڏهن ته الربدي بن فهد بن عبد العزيز کي ??ومي ڊيٽا اداري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي . شاه سلمان عبد المحسن بن سعد المحسن کي ????ئب ناڻي وارو وزير ، عبد العزيز بن سعود بن عبد العزيز الدحيم کي ????ئب واپار وارو وزير ، ڊا??ٽر عبد الله بن علي بن محمد الاحمري کي ????ئب صنعت وارو وزير ۽ انجنيئر انس بن عبد الله بن حمد الصليح کي ????ئب سياحت وارو وزير مقرر ڪيو آهي .
سعودي عرب ۾ مختلف وزارتن ۾ اهم مقرريون ، شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز