برازيليا-18 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي ص??ر رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿ??ون آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ترڪيه صدر جي-20 سربراھي اجلاس جي سلسلي ۾ برازيل جي ص??ر لولادي سلوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه جي ص??ر چيو ته ترڪيه ۽ برازيل جي لاڳاپن جي ترقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھ??ون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رھندو. ھن چيو ته اس??ائيلي جارحيت خلاف برازيل جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ??رڪيه گڏيل قومن ۾ اس??ائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سامان جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، ??نا رڪاوٽ انساني امداد جي فراھمي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ھن چيو ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي حل ۾ غير موثر ثابت ٿ??ون آھن. ھن برازيل جي، ??ي- 20 صدارتي اجلاس دوران عالمي انتظامي سڌارن کي ايجنڊا تي آڻڻ جي قدمن کي ص??يح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا