جده -12 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب کي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آه??. سعودي خابرو اداري مطابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن سال 24-2023ع لاءِ انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن (ايڪاو) جي ايوي ايشن سيڪيو??ٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آه??. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023ع لاءِ ايوي ايشن سيڪيو??ٽي ڪميٽي ۾ سعودي عرب جي نمائ??دي طور ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هين سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان سعودي عرب پاليسين، اسٽريٽجڪ ۽ منصوباب??دي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آه??. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مرتب ڪرڻ آه??. تنظيم ۾ ايوي ايشن سيڪيو??ٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽريٽجڪ سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي ايشن سيڪيو??ٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه ب??دي ڪرڻ آه??. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي معيار ۽ سلامتي جي سفارشن تي مشاورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي لاءِ اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آه??. واضح رهي ته سعودي عرب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آه??، ان 1980ع ۾ پنهنجو مستقل و??د قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آه??.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا