ڪوئٽو – 05 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور جي حڪ??مت ميڪسيڪو جي صدر طرفان گذريل سال ملڪ ۾ ٿيل چونڊن ۾ تشدد جي واقعن تي ڪيل تبصرن تي ميڪسيڪو جي سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي کيس جلدي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري مطابق ايڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ميڪسيڪو جي سفير راڪيل سيرور??مي?? کي جلدي ملڪ ڇڏڻ گهرجي. گذريل اربع تي ميڪسيڪو جي صدر اينڊريس مينوئل لوپيز اوبراڊور ايڪواڊور جي صدارتي اميدوار فرنينڊو لاسينسيو جي گذريل سال ٿيل قتل تي تبصرو ڪندي ان جي ڀيٽ ميڪسيڪو جي موجوده چونڊن جي سيزن دوران تازي تشدد سان ڪئي. ايڪواڊور جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته قوم ولاسينسيو جي قتل تي سوڳ ۾ آهي ۽ اسانجي حڪ??مت ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي اصول ت?? عمل ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا