لنڊن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پابندين ۾ هاڻي ايراني پاسداران انقلاب جي ??سپيشل فورسز يونٽ ”قدس فورس“ کي شامل ڪيو ويو آهي . ان پابندي جو برطانيا جي ??ڪومت جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تازي بليڪ لسٽ مان به اظهار ٿي رهيو آهي. العربيه برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ جي ??والي سان ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ۽ اثا ثن کي ضبط ڪرڻ جي ??ورت ۾ اهي پابنديون ايراني پاسداران انقلاب جي يونٽن مان هڪ جي ڪمانڊر حميد فاضلي خلاف لاڳو ڪيون ويون آهن. عبدالفتاح اهوازيان ۽ بهنام شهرياري تي به پابنديون لڳايون ويون آهن. برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ موجب عبدالفتاح اهوازيان ايراني حڪومت جي مخالف سرگرمين ۾ ملوث هيو. انهن سرگرمين جو مقصد برطانيا کي غير مستحڪم ڪرڻ هيو. بهنام شهرياري اسرائيل، عراق، يمن ۽ لبنان ۾ حالتن کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ??رگرمين ۾ به ملوث هيو. فهرست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قدس فورس جو يونٽ 700 برطانيا اندر عدم استحڪام پيدا ڪندڙ سرگرمين جي ??ياري ۽ منصوبه بن??ي ڪري رهيو هيو. گڏيل طور تي هاڻي ايران خلاف برطانيه جي پابندين جي لسٽ ۾ 27 قانوني ادارا ۽ 190 ماڻهو شامل ??ي ويا آهن.
برطانيا ايران خلاف پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا