اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، 600 اي سي ايل ڪيسز ڪابينا جي منظوري ??اءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو وزير احسن اقبال صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد شروع ٿي وي??دو، ه?? چيو ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو وي?? آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع جي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ايل جي سمورن ڪيسن جي ڪابين?? کان منظوري ??ازمي آهي، ه?? چيو ته چوڌري ??ثار جي دور ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گهرو وزير چيو ته چوڌري ??ثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي سي ايل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابين?? کان ڪرائي وي??دي، ه?? چيو ته گهرو وزارت جا فيصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا