اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي رهائشي ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نهايت اهم منصوبو آهي، ان سان معاشي س??گرمين جي باري ۾ بي شمار موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي س??ن هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي والٽن لاهور جي قائم ٿيندڙ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڳتيل آبادي کي نظر ۾ رکندي لاهور والٽن ۾ تربيتي اڏامن جي لاءِ استعمال ٿ??ندڙ ايئرپورٽ هوائي اڏامن جي لاءِ غير محفوظ بڻجي چڪو آهي، انهن خطرن جي مستقل ازالي ۽ آبادي جي تحفظ لاءِ تربيتي اڏامن جي لاءِ استعمال ٿ??ندڙ ان ايئرپورٽ کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ آبادي جي ڪري ا?? ايئرپورٽ تي ٻه ٽي حادثا ٿي چڪا آهن تنهن هوندي به ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام کانپوءِ اربين روپين جي ماليت جي ا?? زمين کي ڀرپور معاشي س??گرمين جي لاءِ استعمال ڪري سگهبو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ