اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته چيئرمين مائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪر??ار ادا ڪيو، پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، چين پاڪستان جي اهم اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ ترقياتي ترجيحن جي معاملن ۾ اسان جي مدد ڪئي، قومي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي لازمي هجڻ تي پاڪستان ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چين لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان هڪ ئي وقت پرڏيهي و??ارت پاڪستان ۽ پرڏيهي و??ارت چين ۾ منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ چيني پرڏيهي و??ير وانگ زي (وڊيو لنڪ ذريعي) تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ته 21 مئي 1951ع تي شروع ٿيندڙ ٻط??فن پاڪ چين مثالي لاڳاپن کي 2021ع ۾ 70 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ ان لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪندا رهندا. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون چيني پرڏيهي و??ير وانگ زي سان گڏ پاڪ چين لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جو افتتاح ڪري رهيو آ??يان. گذريل 70 سالن ۾ پاڪ چين لاڳاپا، وسيع البنياد ڊگهي مدي، سدا بهار اسٽريجڪ حصيداري ۾ تبديل ٿيا. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، اسان کي خوشي آهي ته پاڪستان انهن اولين ملڪن ۾ شامل آهي جن سڀ ک??ن اڳ چين جي رياست کي تسليم ڪيو. چين پنهنجي محنت جي زور تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جون ڪيتريون ئي اهم منزلون طئي ڪيون آهن، اڄ چين دنيا جي ٻي وڏي اقتصادي قوت هجڻ سان گڏوگڏ عالمي و??پار ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪو آ??ي.
چيئرمين مائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔