اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي اينيميشن انڊسٽري ۾ هر سال ويهوڻو اضافو ٿي رهيو آهي، گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي مارڪيٽ آهي، سال 2021ع جي آخري ۾ صرف ايني ميشن انڊسٽري 300 ارب ڊالر جو هدف عبور ڪري ويندي، پاڪستان ان ۾ 8.4 ارب ڊالر جو فيئر شيئر حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايني ميشن، گيمنگ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت ۽ برطانيه ج?? بورن موٿ يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صح??حن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي ۽ ان جو نيشنل سينٽر فار ڪميپوٽر ايني ميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ جرنلزم ۾ مهارت سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل ۽ اعليٰ ڪارڪردگي رکندڙ ادارو ??هي. هن چيو ته ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبي ۾ ڪمپنين جي ڪاروبار ۾ اضافو خوش آئنده ??هي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 25 سال ۽ 40 سيڪڙو آباد 20 سال کان گهٽ عمر جي آهي، بورن موٿ يونيورسٽي سان حصيداري سان پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي فر??غ ڏيڻ جا موقعا ملندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي سان گڏجي پاڪستاني نوجوانن ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ ٽي وي چئنلز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊجيٽل چئنلز جي تعداد ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو ??هي. هن چيو ته ملڪ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبي ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسان فلم انڊسٽري کي فر??غ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريز لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات واري وزير چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي پاران تعاون جي فراهمي ان شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. ان کان اڳ مفاهمت جي يادداشت تي نيشنل ميڊيا يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ثمينه فرزين صح??ح ڪئي. مفاهمت جي يادداشت ميڊيا، ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبن ۾ تعاون لاءِ راهه هموار ڪندي، ان موقعي ت?? بورن موٿ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته بورن موٿ يونيورسٽي کي اطلاعات ۽ نشر??ات واري وزارت سان ان حصيداري تي خوشي آهي، ان حصيداري سان پاڪستاني شاگردن کي موقعا ميسر ايندا، اسان ان شعبي ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. مفاهمت جي يادداشت تي صح??حن جي موقعي تي وائيس چانسلر بورن موٿ يونيورسٽي پروفيسر جان ويني، چيف آپرٽنگ آفيسر جم اينڊريو، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ اين سي سي اي ڊاڪٽر رچرڊ، ايف ايم سي جي سينئر ليڪچرر ڊاڪٽر ريحان ضياءُ، هيڊ آف انٽرنيشنل مارڪيٽنگ اينڊ اسٽوڊنٽ ريڪرومينٽ اينڊ ريبرڊ ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ ڊولپمينٽ مينيجر ڊاڪٽر الاسٽيئر موريس وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي مارڪيٽ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ